رک موليٰ تي

رک موليٰ تي (سنڌي فلم): سنڌي فلم رک موليٰ تي فيئر ڊبل فلمس جي پيشڪش هئي. هن فلم جو هدايتڪار ۽ ڪهاڻيڪار اسماعيل ميمڻ هو، جڏهن ته فلم جا مڪالمه امر جليل جا لکيل آهن. فـلـم جـا گانا سـيد منظور نـقـويءَ جا لکـيل، مـوسيقار امـداد ۽ ايـڊيٽر ايم عقيل خان هو، جڏهن ته هن فلم جي مکيه اداڪارن ۾ سعيده، مشتاق چنگيزي ۽ عبدالحق ابڙي کان سواءِ ڪجهه نوان اداڪار به شامل هئا. هيءُ فلم 1970ع ۾ رليز ٿي هئي.


لفظ رک موليٰ تيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو